مولانا شوڪت علي

مولانا شوڪت علي

جوهر شوڪت علي مولانا

جوهر، شوڪت علي، مولانا: ننڍي کنڊ جي تحريڪ آزادي جو اهم سياسي اڳواڻ، مولانا محمد علي جوهر جو وڏو ڀاءُ، مولانا شوڪت علي ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر رام پور ۾ 1873ع ۾ پيدا ٿيو. هن 1895ع ۾ ايم. اي. او ڪاليج علي ڳڙهه مان گريجوئيشن ڪئي. 17 سالن تائين سرڪاري نوڪري ڪيائين. 1913ع ۾ نوڪري ڇڏي ’انجمن خدام ڪعبه‘ جو بنياد رکيائين. پهرين جنگ عظيم ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ مولانا محمد علي جوهر سان گڏ ڇنداوڙي ۽ بعد ۾ بتيول ۾ نظربند رهيو. 1919ع ۾ جڏهن آزاد ٿيو مولانا محمد علي سان گڏ ’خلافت تحريڪ‘ جو بنياد وڌائين. مهاتما گانڌيءَ جي پاليسين جي ڪري علي ڀائرن، ڪانگريس جي حمايت تان هٿ کنيو ۽ مسلم ليگ جي پاليسيءَ جي حمايت ڪرڻ لڳا. 1928ع ۾ نهرو رپورٽ شايع ٿي ته ٻنهي ڀائرن ظاهر ظهور ان جي مخالفت ڪئي. ننڍي ڀاءُ مولانا محمد علي جوهر جي وفات کان پوءِ هي سياست ۾ گهڻو وقت سرگرم نه رهي سگهيو. 1937ع ۾ مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو. مولانا شوڪت علي جوهر 1938ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو